شميم ميمڻ

شميم ميمڻ: ناليواري شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ مضمون نگار شميم ميمڻ، ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾، عبدالله ميمڻ جي گهر، 5 مارچ 1953ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄامشورو مان ايم.بي.بي.ايس پاس ڪيائين ۽ ڊاڪٽري شعبي سان سلهاڙجي وئي. کيس، ننڍپڻ کان علم ۽ ادب سان گهري دلچسپي هئي، انٽر ۾ پڙهڻ دوران لکڻ شروع ڪيائين ۽ ان وقت ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جي ايڊيٽر پڻ رهي. لياقت ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين ۽ تدريس دوران شايع ٿيندڙ مئگزين ۾ حصو وٺندي ان منجهه شاعري ۽ افسانا انگريزي، سنڌي، اردو توڙي سرائيڪي زبان ۾ لکيائين. هي سنڌي ادب جي حساس شاعره طور سڃاتي ويندي هئي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ‘هلال پاڪستان’ جي صفحي سگهڙين سٿ سميت ادبي رسالن جهڙوڪ: بادل، اديون، مهراڻ، نئين زندگيءَ ۾ بيشمار نظم، غزل ۽ ٻين صنفن تي لکندي ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو نروار ڪيو. سندس لکڻين کي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ ملي.
هن ريڊيو پاڪستان تي پڻ ڪم ڪيو آهي. ڇهه کان ست سال عورتن جي مشهور پروگرام سگهڙين سٿ جي سلسلي ‘چندن هار’ سان ڀرپور نڀايو. ريڊيو کان سواءِ پاڪستان ٽيليويزن تي به ڪم ڪيو. کيس عبدالڪريم بلوچ، ٽي وي تي متعارف ڪرايو. ڊاڪٽر شميم ميمڻ، ڊاڪٽر اسلم سان شادي ٿيڻ بعد سنڌي ادب کي خيرآباد چئي، پنهنجي ور سان گڏجي ٽنڊي الهيار ۾ ڪلينڪ هلائي رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.03.05  عيسوي

شميم ميمڻ، ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾، عبدالله ميمڻ جي گهر، 5 مارچ 1953ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آسڪو پارپولا
بلو مؤمن
ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو
ٻلديو گاجرا
روشن آرا مغل
بکر فقير سومرو
اشرف سمون ڊاڪٽر
آخوند هدايت الله مشتاق هالائي
زاهد علي عباسي
خلجي علاؤالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون